انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد

انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد: انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد، هڪ اشاعتي مرڪز آهي، جيڪو 1997ع ۾ قائم ٿيو. هن اداري پنهنجي قيام کان هن وقت تائين مختلف موضوعن تي مختلف شخصيتن ۽ ادارن جا 600 کان مٿي ڪتاب، رسالا ۽ سووينئر ڇپايا آهن. جن ۾ تحقيق، شاعري، فڪشن (ناول، ڪهاڻيون)، سفرناما، لغتون، ٻولي ۽ ٻيا موضوع اچي وڃن ٿا. هن اداري جو بانيڪار ۽ چيف ايگزيڪيوٽِو موهن ’مدهوش‘ آهي. جنهن پنهنجي ٽيڪنيڪي ۽ تخليقي صلاحيتن موجب ڪتابن، رسالن وغيره جي ڇپائيءَ ۾ جدت ۽ معيار کي قائم رکيو آهي. ڪويتا پبليڪيشن جي ساٿ سان هن اشاعتي مرڪز هن وقت تائين سنڌ جي هيٺين نامور شاعرن، اديبن ۽ محققن جا ڪتاب ڇپايا آهن: شيخ اياز، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر غلام لاکو، عطا محمد ڀنڀرو، ڊاڪٽر قاضي خادم، عبدالقادر جوڻيجو، ماهتاب محبوب، اياز گل، تاج جويي، اشتياق انصاري، ريٽا شهاڻي، گوبند خوشحالاڻي، گورڌن گهايل، نصير مرزا اچي وڃن ٿا. هي ادارو سنڌ جي ٻين اهم پبلشنگ ادارن سنڌيڪا، روشني، نيو فيلڊس، سنڌي ساهت گهر وغيره جي مالها جو هڪ موتي آهي. انٽيل ڪميونيڪيشنز جي آفيس حيدر چوڪ، حيدرآباد ويجهو 9- ربي چيمبرز ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1997.00.00  عيسوي

انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد: انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد ، هڪ اشاعتي مرڪز آهي ، جيڪو 1997ع ۾ قائم ٿيو .



اشاعتي ادارا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اداره آواز ادب حيدرآباد
روشني پبليڪيشن
زخمي پبليڪيشن ڊکڻ
الراشد پبلڪيشن قنبر
اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد
سهڻي پبليڪيشن
ڇپائي
سنڌيڪا اڪيڊمي
سِپَ پبليڪيشن نوابشاهه
اشاعت
اشاعتي ادارا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون